ائٽمي طاقت

ائٽمي طاقت: پاڪستان جو ائٽمي طاقت سان هلندڙ واحد پاور اسٽيشن (بجلي گهر) ڪراچيءَ ۾، ڪئناڊا جي فني تعاون ۽ مالي امداد سان تعمير ڪيل آهي. ڪراچيءَ جو نيو ڪليئر پاور پلانٽ (ڪئنوپ) 1952ع ۾ 25 ملين ڊالر جي خرچ سان شروع ٿيو. ڪئنوپ جي بجلي سپلاءِ ڪرڻ جي گنجائش 137 ميگاواٽ آهي. پاڪستان لاءِ هڪ ٻئي اهڙي بجلي گهر جي به ضرورت آهي، پر ان جو هر منصوبو وڏيون عالمي طاقتون صرف ان ڪري مسترد ڪري ڇڏينديون آهن، جو پاڪستان سي. ٽي. بي. ٽي (CTBT) تي صحيح نه ڪئي آهي. آمريڪا جو پاڪستان جي مختلف حڪومتن تي دٻاءُ رهندو پيو اچي ته هو پنهنجو ائٽمي پروگرام ختم ڪري، پر پاڪستان جو موقف آهي ته کيس پاڙيسري ملڪن کان خطرن سبب ائٽمي پروگرام کي جاري رکڻو پوي ٿو.
هڪ سرڪاري اندازي موجب، معاشي ترقيءَ جي ساليانه شرح واڌ کي ڏسندي پاڪستان کي بجليءَ جي پيداواري گنجائش کي وڌائڻو پوندو. ان جو واحد حل ائٽمي طاقت تي هلندڙ بجلي گهر قائم ڪرڻ آهي. هن وقت پاڪستان دنيا جي ائٽمي قوت وارن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي.


لفظ ائٽمي طاقتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو